Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:3 - Sindhi Bible

3 جنهن ڏينهن گهر جا مالڪ ڏڪندا، ۽ زور ڀريا ماڻهو ڪنڌ جهڪائيندا، ۽ پيهڻ وارا ٿورن هئڻ ڪري بس ڪندا، ۽ درين مان ٻاهر نهارڻ وارا اونداهيءَ ۾ اچي ويندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين.


هن واٽ تي ئي منهنجي زور کي گهٽائي ڇڏيو، هن منهنجي عمر گهٽائي ڇڏي.


مون هن سان اهڙي هلت ڪئي جو ڄڻ تہ هو منهنجو دوست يا ڀاءُ هو؛ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ماءُ لاءِ ماتم ڪري، تيئن مون ڪنڌ هيٺ ڪري غم ڪيو.


آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ يروشلم جي گهٽين ۾ پير مرد ۽ زالون پنهنجي ٻڍاپي جي سبب ڪري پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا.


۽ انهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن عيلي پنهنجي جاءِ تي ليٽيو پيو هو هاڻي هن جي اکين ۾ ڌنڌ ٿيڻ لڳو هو جنهنڪري هو ڏسي نہ سگهندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ