Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:11 - Sindhi Bible

11 ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟


۽ آءٌ هنن تي هڪڙو ڌنار مقرر ڪندس ۽ اُهو انهن کي چاريندو، يعني پنهنجو ٻانهو دائود؛ اُهو هنن کي چاريندو ۽ اُهو هنن جو ڌنار ٿيندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ.


پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.


چڱو ريڍار آئون آهيان، ۽ آئون پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجيون رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون؛


پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟


۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


خداوند منهنجو ريڍار آهي؛ مون کي ڪابہ گهرج ڪانہ ٿيندي.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.


پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.


ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.


ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.


سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ