Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:8 - Sindhi Bible

8 هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻا سال جيئرو رهي تہ ڀلي هو انهن سڀني ۾ خوشي ڪري، پر هن کي اونداهيءَ جا ڏينهن ياد رکڻ کپن، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا ٿيندا، جيڪي اچي ٿو سو سڀ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:8
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو پوءِ آءٌ اوڏي ويندس جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ واري ۽ موت جي پاڇي واري زمين ۾ ويندس؛


جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.


پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟


تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا.


هو مانيءَ جي لاءِ ٻاهر گهمي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪٿي آهي؟ هو ڄاڻي ٿو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن تمام ويجهو آهي.


هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.


جنهن ماڻهوءَ کي وڏو مرتبو آهي، پر سمجهہ نہ اٿس، اُهو جانورن وانگر آهي جي فنا ٿي ٿا وڃن.


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ جيئن بي عقل سان ٿو ٿئي تيئن مون سان بہ ٿيندو؛ پوءِ ڇو آءٌ وڌيڪ ڏاهو ٿيس؟ تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اها بہ بيهودگي آهي.


تنهن ڪري آءٌ حياتيءَ کي ڌڪارڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم سج جي هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو مون کي خراب معلوم ٿيو: ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي ۽ واءُ پٺيان ڊوڙڻ آهي.


۽ ڪنهن کي خبر تہ اهو ڏاهو هوندو يا بي عقل؟ انهي هوندي بہ منهنجو سڄو پورهيو جو محنت سان ڪيو اٿم، ۽ جنهن ۾ مون سج هيٺان ڏاهپ ڏيکاري آهي، سو انهيءَ جي اختيار ۾ رهندو. اها بہ بيهودگي آهي.


ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


اهي سڀيئي ماڻهو، جن جي هو مٿان هو، تن جي پڄاڻي ڪانہ هئي: انهي هوندي بہ جيڪي پوءِ ايندا سي هن مان خوش نہ ٿيندا. يقين آهي تہ هيءَ بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


جڏهن ظاهر آهي تہ گهڻيون ئي شيون آهن، جي بيهودگي وڌائين ٿيو، تڏهن انسان کي ڪهڙو فائدو آهي؟


هائو، جيتوڻيڪ اهو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئي، تہ بہ هن ڪا خوشي نہ ڏٺي: سڀيئي هڪڙي هنڌ نٿا وڃن ڇا؟


سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:


تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها!


جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ