7 سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.
7 بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي.
هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي.
انهيءَ لاءِ تہ هن جي روح کي کڏ مان ڪڍي اچي، تہ هن کي جيئرن جي روشنائي ملي.
ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.
ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.
اکين جي روشنائي دل کي خوش ڪري ٿي: ۽ خوشخبري هڏن کي ٿلهو ٿي ڪري.
غريب ماڻهو ۽ ظالم ٻئي گڏجن ٿا، خداوند انهن ٻنهي جون اکيون روشن ڪري ٿو.
يا جڏهن سج، ۽ روشنائي، ۽ چنڊ، ۽ تارا، ڪارا ٿي ويندا، ۽ ڪڪر مينهن کان پوءِ موٽي ايندا:
تنهن کان سواءِ هن سج نہ ڏٺو آهي، ۽ نہ انهي جي خبر پيئي اٿس؛ انهي کي هن ٻئي کان وري بہ آرام آهي:
ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا.
تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.