Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:6 - Sindhi Bible

6 صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.


ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛


اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.


پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ