Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:2 - Sindhi Bible

2 حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي دولت جي حفاظت لاءِ ان کي ڪيترن ئي هنڌن تي لڪائي ڇڏيو، تہ بہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ملڪ تي ڪهڙي وقت اچي ڪا آفت ڪڙڪندي ۽ سڀ ڪجھہ برباد ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.


هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي.


جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.


هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻا سال جيئرو رهي تہ ڀلي هو انهن سڀني ۾ خوشي ڪري، پر هن کي اونداهيءَ جا ڏينهن ياد رکڻ کپن، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا ٿيندا، جيڪي اچي ٿو سو سڀ بيهودگي آهي.


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.


يسوع چيس تہ آئون توکي ڪونہ ٿو چوان تہ ستن ڀيرن تائين، پر ستر دفعا ستن ڀيرن تائين.


جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ.


۽ جي هو ڏينهن ۾ ست دفعا تنهنجو ڏوهہ ڪري، ۽ ست دفعا تو وٽ موٽي اچي چوي تہ مون توبهہ ڪئي، تہ اُن کي معاف ڪج.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.


قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.


جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ