Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:1 - Sindhi Bible

1 پنهنجي ماني پاڻيءَ تي اُڇلائي وجهہ: ڇالاءِ جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ اُها تون لهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڀلي تہ اوهين پنهنجي دولت پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ بہ ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن اها اوهان کي واپس ملي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


ڳولڻ لاءِ وقت، ۽ وڃائڻ لاءِ وقت؛ سانڍي رکڻ لاءِ وقت، ۽ اُڇلائي ڇڏڻ لاءِ وقت؛


اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.


پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.


۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جي گهر جا ڀاتي لائق هوندا، تہ اوهان جو سلام اُنهن کي رسندو، پر جي اُهي نالائق هوندا تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


تہ توکي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو اُنهن وٽ ڪي ڪينهي، جنهن سان کڻي تنهنجو بدر پاڙين: پر توکي نيڪن جي قيامت ۾ اجر ملندو.


پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ