6 بي عقلي وڏي درجي ۾ رکي ٿي وڃي، ۽ دولتمند هيٺائين جاءِ تي ويهن ٿا.
6 جو بيعقلن کي اعليٰ رتبو عطا ڪيو ٿو وڃي، جڏهن تہ وڏن وڏن اميرن کي خوار خراب ڪيو ٿو وڃي.
انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.
۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو.
جڏهن بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر ٿو ٿئي، تڏهن بڇڙا ماڻهو هر طرف ٿا گهمن ڦرن.
نازڪئي وارو گذران بي عقل جو لائق ناهي؛ ڪنهن نوڪر جو شهزادن جي مٿان حڪم هلائڻ انهيءَ کان بہ گهٽ لائق آهي.
جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.
جڏهن شرير کڙا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين، پر جڏهن هو چٽ ٿين ٿا تڏهن سچا وڌن ٿا.
جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.
هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، اُها ڄڻ تہ هڪڙي چڪ آهي جا حاڪم جي ڪيل آهي: