Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:20 - Sindhi Bible

20 بادشاهہ تي لعنت نہ وجهہ، پنهنجي خيال ۾ بہ ائين نہ ڪر؛ ۽ پنهنجي سمهڻ جي ڪوٺيءَ ۾ دولتمند تي لعنت نہ وجهہ: ڇالاءِ جو ڪو پکي آواز کڻي ويندو، ۽ جنهن کي پر آهن سو اها ڳالهہ وڃي ٻڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اوهين بادشاهہ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بہ خيال نہ آڻيو، نڪي ڪنهن امير جي ئي ملامت ڪريو. هائو، پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ بہ ويهي ائين نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪن ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سندس نوڪرن مان هڪڙي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ ائين نہ آهي: بلڪ اليشع نبي، جو اسرائيل ۾ آهي، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جي تون پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ٿو ڪرين.


پر اها ڳالهہ مردڪئيءَ کي معلوم ٿي ويئي، جنهن وڃي راڻي آستر کي اُها ٻڌائي؛ ۽ آستر انهيءَ بابت مردڪئي جي نالي سان بادشاهہ کي خبر ڏني.


ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛


تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:


پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري.


هن جواب ڏيئي چيو تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جي هنن ماٺ ڪئي، تہ خود پهڻ وٺي پڪاريندا.


تڏهن پولس چيو، تہ اي ڀائرو، مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هي ڪو سردار ڪاهن آهي؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ