Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:19 - Sindhi Bible

19 مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 کائڻ جي دعوت ۾ ماڻهو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، ۽ مئي ماڻهوءَ کي سرور بخشي ٿي، پر پئسن کان سواءِ ڪابہ شيءِ خريد ڪري نہ ٿي سگھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:19
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


۽ پنهنجي جيءَ کي چوندس تہ ٻيلي، تو وٽ ججهو ئي مال پيو آهي جو گهڻيئي سال هلندو؛ هاڻي سکي ٿيءُ، کاءُ پيءُ، ۽ موجون ماڻ.


شراب جي ڪري گهٽين ۾ رڙ مچي وئي آهي؛ سڀ خوشي اوندهہ ٿي وئي آهي، زمين جي سرهائي گم ٿي وئي آهي.


هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


۽ هو پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي جيڪي ملندو هون، سو پاڻ ۾ هر ڪنهن کي سندس گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.


۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.


يسوع چيس تہ جي ڀانئين تہ ڪامل ٿيان، تہ وڃي جيڪي تو وٽ آهي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، تہ پوءِ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجي پيروي ڪر.


پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.


۽ هن جو سوداگري مال، ۽ هن جو اُجورو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو: اهو ميڙي گڏ ڪري رکڻ ۾ نہ ايندو؛ ڇالاءِ جو هن جو سوداگري مال انهن جي لاءِ ٿيندو جي خداوند جي اڳيان ٿا رهن، تہ هو ڍءُ ڪري کائين، ۽ شاهاڻي پوشاڪ ڍڪين.


۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.


۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.


۽ دائود بادشاهہ اُرنان کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ حقيقت ۾ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: خداوند جي لاءِ جيڪي تنهنجو آهي سو وٺي، ۽ جنهن سوختني قربانيءَ لاءِ مون قيمت نہ ڏني آهي سا آءٌ ڪين چاڙهيندس.


۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


۽ ڊاک چين تہ آءٌ پنهنجو انگوري شراب ڇڏي ڏيان ڇا، جو خدا ۽ انسان کي خوش ٿو ڪري، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟


۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.


۽ هن جو پيءُ انهيءَ زال وٽ لهي ويو: ۽ سمسون اُتي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ڇالاءِ جو جوان ماڻهو ائين ڪندا هئا.


ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ