Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:16 - Sindhi Bible

16 اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي هئي، تڏهن اُها آءٌ اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


۽ هن وٽ بيهودا ماڻهو، شيطان زادا، اچي گڏ ٿيا، ۽ جڏهن رحبعام اڃا ننڍو ۽ نرم دل هو، ۽ هنن سان مقابلو ڪري نہ ٿي سگهيو، تڏهن هو زور وٺي رحبعام بن سليمان جي برخلاف ٿي بيٺا.


جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي:


جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.


جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


جنهن بادشاهہ کي سمجهہ ڪانهي سو وڏو ظالم بہ ٿئي ٿو، پر جيڪو لالچ کي ڌڪاري ٿو تنهنجا ڏينهن گهڻا ٿيندا.


بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي.


باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ