Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:14 - Sindhi Bible

14 بي عقل گهڻو ڳالهائي بہ ٿو، انهي هوندي بہ ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي تہ ڇا ٿيندو؛ ۽ جيڪي انهي کان پوءِ ٿيندو سو ڪير چئي سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو پنهنجي گناهہ سان بغاوت گڏي ٿو، ۽ اسان جي وچ ۾ تاڙيون وڄائي ٿو، ۽ خدا جي برخلاف پنهنجون ڳالهيون زيادہ ڪري ٿو.


تنهنڪري ايوب پنهنجو وات گهمنڊ ۾ ٿو پٽي؛ ۽ هو سمجهہ کانسواءِ گهڻو ٿو ڳالهائي.


گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.


ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.


بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي.


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


ڇالاءِ جو خواب ڪم جي گهڻائيءَ کان ٿو اچي؛ ۽ بي عقل جو آواز ڳالهين جي گهڻائيءَ کان.


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.


هن کي خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؛ ڇالاءِ جو ڪير هن کي چئي سگهندو تہ ڪيئن اهو ٿيندو؟


ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ