Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:13 - Sindhi Bible

13 هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 بي‌عقل ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ شروع کان آخر تائين بي‌وقوفيءَ سان ڀريل آهي، ۽ آخرڪار انهيءَ بڪواس جي ڪري سندس چريائپ ظاهر ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟


۽ هن چيو تہ جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ڪندو تہ آءٌ توکي ڪٿان واهر ڪري سگهندس؟ ڇا اَن ڳاهڻ واري پڙ مان يا انگور جي چيچڙي مان ڪندس؟


تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو.


جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جو تڪرار ڪنهن بي عقل ماڻهوءَ سان ٿيو، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کلي، پر آرام ڪونہ ايندس.


بي عقل گهڻو ڳالهائي بہ ٿو، انهي هوندي بہ ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي تہ ڇا ٿيندو؛ ۽ جيڪي انهي کان پوءِ ٿيندو سو ڪير چئي سگهندو.


پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.


آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


۽ جڏهن فريسيءَ ڏٺو تہ کائڻ کان اڳي پهريائين هٿ ڪين ڌوتائين، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس.


پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟


فريسين مان ڪن چيو، تہ جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟


پر سردار ڪاهنن صلاح مصلحت ڪئي تہ لعزر کي بہ مارجي؛


۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هنن سمسون جي زال کي چيو تہ پنهنجي مڙس کي ڌتار تہ هو اسان کي اها پرولي سلي ٻڌائي، نہ تہ اسين توکي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين: اوهان اسان کي انهيءَ لاءِ ڪوٺيو ڇا تہ اسان کي ڦري غريب ڪري ڇڏيو؟ ائين ناهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ