Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:10 - Sindhi Bible

10 جيڪڏهن لوهہ مڏو آهي، ۽ ماڻهو انهي جي ڪَنيءَ کي لائي تکو نہ ڪندو، تہ ان کي وڌيڪ زور لائڻو پوندو: پر ڏاهپ هدايت ڪرڻ لاءِ فائدي واري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟


۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.


جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.


بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي.


جيڪو پٿر ٽڪي ٿو تنهن کي انهن مان ايذاءُ بہ ٿو رسي؛ ۽ جيڪو ڪاٺ چيري ٿو، تنهن کي انهي مان خوف بہ آهي.


تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس.


وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ