Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 1:9 - Sindhi Bible

9 جيڪي ٿي گذريو آهي سو اُهو آهي جو ٿيندو؛ ۽ جيڪي ڪيو ويو آهي سو اُهو آهي جو ڪيو ويندو: ۽ سج هيٺان ڪابہ نئين شيءِ ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو اڳ بہ ٿي چڪو آهي. جيڪي ڪجھہ ڪيو پيو وڃي، سو اڳ بہ ڪيو ويو آهي. هن سڄيءَ دنيا ۾ ڪابہ شيءِ نئين ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 1:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙي ڪا شيءِ بہ آهي جنهن جي نسبت ۾ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو هيءَ نئين شيءِ آهي؟ جيڪي زمانا اسان کان اڳي گذري ويا آهن تن ۾ اُها اڳيئي موجود هئي.


۽ آءٌ ڦري ڏاهپ ۽ چريائيءَ ۽ بي عقليءَ کي ڏسڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو بادشاهہ کان پوءِ ٿو اچي سو ڇا ڪري سگهندو؟ اهو ئي جيڪي اڳي ڪيو ويو آهي.


جيڪي آهي سو اڳيئي ٿي ويو آهي؛ ۽ جيڪي ٿيڻو آهي سو بہ اڳيئي ٿي ويو آهي: ۽ خدا وري اُهو ڪرڻ ٿو گهري جو اڳيئي ٿي چڪو آهي.


جيڪي بہ ٿي گذريو آهي، انهي جو نالو گهڻو وقت اڳي ڏنو ويو هو، ۽ معلوم آهي تہ اُهو آدم آهي: ۽ جيڪو هن کان وڌيڪ زور وارو آهي تنهن سان هو وڙهي ڪين سگهندو.


تون ائين نہ چئُہ تہ ڪهڙي سبب کان اڳيان ڏينهن هنن کان بهتر هئا؟ ڇالاءِ جو تون انهي نسبت ۾ ڏاهپ سان جاچ نٿو ڪرين.


ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو.


۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن چيو تہ ڏس، آئون سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان. ۽ هن چيو تہ لک: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ