4 هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي.
4 هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي، پر دنيا هميشہ ساڳيءَ ئي طرح قائم رهندي پيئي اچي.
۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.
تو زمين کي انهي جي بنياد تي قائم ڪيو، تہ هو ڪڏهن بہ مٽجي نہ وڃي.
جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.
ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.
اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟
آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.
آخر زال بہ مري ويئي.