ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.
جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.