Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 1:17 - Sindhi Bible

17 ۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 1:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون خيال ڪيو تہ ڪيئن هن ڳالهہ کي سمجهان، تڏهن اها مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي؛


واعظ ٿو چوي تہ اها بيهودگين جي بيهودگي آهي؛ سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.


تنهن ڪري آءٌ حياتيءَ کي ڌڪارڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم سج جي هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو مون کي خراب معلوم ٿيو: ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي ۽ واءُ پٺيان ڊوڙڻ آهي.


مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.


ڇالاءِ جو جيڪي انسانن تي ٿو اچي سو جانورن تي ٿو اچي؛ ساڳي ئي شيءِ انهن تي اچي ٿي: جيئن هڪڙو ٿو مري تيئن ٻيو ٿو مري: هائو، انهن ٻنهي کي هڪڙو ساهہ آهي؛ ۽ ڪو انسان حيوان کان مٿي ناهي. ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


آرام واري هڪڙي مٺ، اُنهن ٻن مٺين کان بهتر آهي جا پورهئي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ سان آهي.


اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):


سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.


سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ