Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 1:13 - Sindhi Bible

13 ۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 1:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.


ماڻهو اونداهيءَ جي حد ٻڌي ٿو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ جا نشان ۽ موت جي پاڇي جي سرحد ڳولي ڪڍي ٿو.


خداوند جا ڪم عظيم آهن، ۽ جن کي اُهي پسند آهن سي انهن جي ڳولا ۾ ٿا رهن:


جيڪو پاڻ کي سڀني کان ڌار ٿو ڪري سو پنهنجي مراد ڳولي ٿو، ۽ سالم ڏاهپ سان بگڙيل رهي ٿو.


سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.


اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.


اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.


ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر.


۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.


۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.


ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.


ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جيڪا تڪليف خدا انسان کي مشغوليءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏني آهي، سا مون ڏٺي آهي.


هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:


هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.


انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ