Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:7 - Sindhi Bible

7 هيءَ ڳالهہ ياد رک، ۽ ڪڏهن نہ وسار، تہ ڪيئن نہ بيابان ۾ تو خداوند پنهنجي خدا کي ڪاوڙايو: جنهن ڏينهن کان تون مصر جي ملڪ مان نڪتو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين، تو خداوند جي برخلاف فساد پئي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اها ڳالهہ اوهين هرگز نہ وسارجو تہ ڪيئن نہ اوهان خداوند پنهنجي خدا کي بيابان ۾ ڪاوڙايو، بلڪ جنهن ڏينهن کان اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا آهيو، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين اوهان خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:7
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن فرعون ويجهو آيو، تڏهن بني اسرائيل وارن اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏٺائون تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا اچن، ۽ هو ڏاڍا ڊنا: ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پڪاريو.


۽ موسيٰ کي چيائون تہ مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اسان کي رڻ پٽ ۾ مرڻ جي لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو، جو اسان کي مصر مان ڪڍي آيو آهين؟


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف بيابان ۾ ڪُرڪڻ لڳي.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


اوهين انهي جي ٻڌجو ۽ سندس چيو مڃجو، هن کي غصو نہ ڏيارجو، ڇالاءِ جو هو اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو؛ ڇو تہ انهي ۾ منهنجو نالو آهي.


هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي شرارت ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي شرارت، ۽ سندن زالن جي شرارت، ۽ خود پنهنجي شرارت، ۽ پنهنجي زالن جي شرارت، وساري ڇڏي آهي ڇا، جا هنن يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڪئي؟


پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.


۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا.


پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.


تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.


۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.


۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.


۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


ڇالاءِ جو آئون رسولن ۾ سڀني کان ننڍو آهيان ۽ رسول سڏجڻ جو لائق نہ آهيان، ڇو جو مون خدا جي ڪليسيا کي ستايو هو.


سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ