Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:6 - Sindhi Bible

6 تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي اوهان جي سچائيءَ جي ڪري اهو چڱو ملڪ نہ ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ هڪ ضدي قوم آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي سخت گردن وارا نہ ٿيو؛ پر خداوند جي اڳيان نماڻا ٿيو، ۽ هن جي پاڪ مڪان ۾ گهڙو، جو هن هميشہ لاءِ پاڪ ڪيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي بندگي ڪريو، تہ هن جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي؛


تون انهي ملڪ ۾ چڙهي وڃ، جتي کير ۽ ماکي پيئي وهي: پر آءٌ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇالاءِ جو اوهين ضدي ماڻهو آهيو، ۽ ائين نہ ٿئي جو آءٌ رستي ۾ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيان.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.


۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي.


۽ اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اوهان سان، نہ اوهانجين خراب راهن موافق، نڪي اوهانجن خراب ڪمن موافق، پر پنهنجي نالي جي خاطر هلت ڪندس.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟


انهي کان سواءِ خداوند مون کي فرمايو، تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ