Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:5 - Sindhi Bible

5 تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


۽ ڏسي تہ خداوند انهيءَ جي مٿان بيٺو آهي، ۽ چويس ٿو تہ آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابرهام جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا آهيان. جنهن زمين تي تون ستو پيو آهين، سا آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛


تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان کي خبر هجي تہ اهو ڪم آءٌ اوهان جي ڪمن ڪري نٿو ڪريان: اي اسرائيل جا گهراڻا، پنهنجي ڪمن جي ڪري شرمندا ۽ لڄي ٿيو.


اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري پليت ٿيون آهن:


۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.


تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.


اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“


سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن.


ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.


ڇالاءِ تہ جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو، سو خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ اهڙين ڪراهتن جي ڪري، خداوند تنهنجو خدا، انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


جڏهن تون انهي ملڪ ۾ پهچين جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تڏهن تون انهن قومن وانگر مڪروهہ ڪم ڪرڻ متان سکين.


انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.


تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ