Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:3
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس.


۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو.


مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.


ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


۽ هن خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ٻڌو ۽ سمجهو:


۽ هن انهيءَ خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجهو:


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ڀسم ڪندڙ باهہ آهي، ۽ غيرت وارو خدا آهي.


۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن.


تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين.


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.


ڏسو ساري دنيا جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق، اوهان جي اڳيان يردن مان پار لنگهيو ٿي وڃي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو پنهنجن تنبن مان ڪوچ ڪري يردن جي پار وڃڻ لاءِ نڪتا، ۽ عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن ماڻهن جي اڳيان هليا؛


۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ