Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:10 - Sindhi Bible

10 ۽ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون جي خدا جي آڱر سان لکيل هيون؛ ۽ انهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون، جي خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان سان ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون، جيڪي خدا جي آڱر سان لکيل هيون. انهن تي اهي سموريون ڳالهيون لکيل هيون، جيڪي اوهان جي جبل وٽ گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڪيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.


پر جيڪڏهن آئون خدا جي قدرت سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ تڏهن خدا جي بادشاهت اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.


هي تنهنجي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن تو حورب ۾ جماعت واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو، تہ شل آءٌ خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌان، نڪي آءٌ وري ڪڏهن هيءَ باهہ ڏسان، متان مري وڃان.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ