Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:7 - Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾:


جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.


هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن:


هائو هو انهي دلپسند ملڪ کي ڌڪارڻ لڳا ۽ هن جي ڪلام تي اعتبار نہ ڪيائون؛


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي.


مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


هن اُنهي زمين جو ٻج بہ کنيو، ۽ اُهو هن هڪڙي ڀلي زمين ۾ پوکيو؛ هن اُهو گهڻي پاڻيءَ جي پاسي کان بيدمنجون جي وڻ وانگر لڳايو.


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي واٽن تي هلڻ لاءِ، ۽ سندس ڊپ رکڻ لاءِ، سندس حڪم مڃيندو رهج.


جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛


جڏهن اوهين هلندا تڏهن هڪڙي امن ۾ رهندڙ قوم ڏسندا؛ ۽ اُها زمين گهڻي آهي: ڇالاءِ جو اها خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏني آهي؛ اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ