Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهہ، تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي سيکت ڏيندو آهي، تيئن خداوند تنهنجي خدا توکي سيکت ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛


تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس.


اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛


جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو.


اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:


ڇالاءِ جو جنهن کي خداوند پيار ڪري ٿو تنهن کي فهمائش ڏئي ٿو؛ جيئن ڪو پيءُ پٽ کي ڪري، جو هن کي وڻي ٿو.


سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن.


ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.


پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.


۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.


اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.


هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي واٽن تي هلڻ لاءِ، ۽ سندس ڊپ رکڻ لاءِ، سندس حڪم مڃيندو رهج.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ