Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:18 - Sindhi Bible

18 پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گهيٽا.


دولت ۽ عزت تو وٽان آهي، ۽ تون سڀني تي حڪومت ڪرين ٿو؛ ۽ تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي؛ ۽ سرفراز ڪرڻ ۽ سڀ ڪنهن کي زور بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.


۽ امصياہ انهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ جيڪي هڪ سؤ قنطار اسرائيل جي لشڪر کي مون ڏنا آهن، تن جي لاءِ اسين ڇا ڪريون؟ تڏهن انهيءَ خدا جي مرد ورندي ڏني تہ خداوند انهيءَ کان وڌيڪ توکي ڏيئي سگهي ٿو.


خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.


اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.


ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.


سو هاڻي، اي خداوند ڏس، جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي، تنهن جو پهريون ڦل مون آندو آهي. پوءِ تون اها خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ رکي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان سجدو ڪج:


۽ سڀني چڱين شين سان ڀريل گهر، جي تون نہ ڀريا، ۽ کوٽيل حوضيون جي تو نہ کوٽيون، ڊاک جا منهہ ۽ زيتون جا وڻ، جي تو نہ پوکيا، سي توکي ڏيندو، ۽ تون کائي ڍءُ ڪرين؛


۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:


پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.


جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ وڌو، ۽ انهي ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.


۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو.


خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ