12 ۽ ائين نہ ٿئي، تہ جڏهن تون کائي ڍءُ ڪرين، ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهين؛
12 ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين کائي ڍءُ ڪريو ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهو،
تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.
مون پنهنجي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛ مون پنهنجي لاءِ گهر جوڙيا: مون پنهنجي لاءِ ڊاک جا منهہ لڳايا؛
جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.
تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.
اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟
۽ پڻ جيئن لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو؛ جو اُهي کائيندا پيئندا، خريد فروخت ڪندا، ۽ پوکيندا رهيا؛
ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.
ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.
پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو، تہ توکي ڏيندو؛ ۽ جڏهن هو توکي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جي تو نہ جوڙيا،
۽ جڏهن تنهنجا ڍور ۽ تنهنجا ڌڻ وڌن، ۽ تو وٽ چاندي ۽ سون گهڻو ٿئي، ۽ تنهنجي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي؛