Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:11 - Sindhi Bible

11 تون خبردار رهج، ائين نہ ٿئي جو تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، ۽ جيڪي هن جا حڪم، ۽ فيصلا، ۽ قانون مون اڄ توکي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪرين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛


ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.


۽ داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ هجي؛ سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ هجي، يا پشم جي ڪپڙي ۾ هجي؛ چم ۾ هجي يا چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾ هجي؛


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو.


۽ جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ سڀني چڱين شين سان ڀريل گهر، جي تون نہ ڀريا، ۽ کوٽيل حوضيون جي تو نہ کوٽيون، ڊاک جا منهہ ۽ زيتون جا وڻ، جي تو نہ پوکيا، سي توکي ڏيندو، ۽ تون کائي ڍءُ ڪرين؛


تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج.


تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ