Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:10 - Sindhi Bible

10 ۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:


مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون.


(اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا).


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.


جنهن ملڪ ۾ تون پيٽ ڀري ماني کائيندين، ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي؛ جنهن ملڪ جا پهڻ بہ لوهہ آهن، ۽ جنهن جي ٽڪرين مان تون ٽامو کوٽي ڪڍندين.


سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ شڪرگذاري ڪريو: ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ اوهان جي بابت خدا جي اها ئي مرضي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ