Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:1 - Sindhi Bible

1 جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ وڌو، ۽ انهي ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ تعداد ۾ وڌو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ