شريعت جو دور 7:9 - Sindhi Bible9 تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.