Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:7 - Sindhi Bible

7 خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 خداوند جو اوهان کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊڻ جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو اوهين تعداد ۾ ٻين کان گھڻا هئا، بلڪ اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اوهين شمار ۾ ٿورا هئا؛ هائو تمام ٿورا، بلڪ مسافر هئا؛


انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا.


اوهين جي هن جي بندي ابراهيم جو نسل، ۽ يعقوب جو اولاد، ۽ سندس چونڊيل آهيو.


اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


۽ هنن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي چونڊي ڪڍيو ۽ يعقوب جي گهراڻي جي اولاد سان مون قسم کاڌو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ هنن کي پاڻ ڄاڻايم، ۽ جڏهن مون هنن سان قسم کائي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان:


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.


پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.


تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.


يا ڪنڀار کي مٽيءَ تي اهو اختيار نہ آهي ڇا، تہ هڪڙي ئي پنوڙي مان هڪڙو ٿانءُ عزت جي لاءِ جوڙي، ۽ ٻيو ٿانءُ بي عزتيءَ جي لاءِ؟


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.


تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.


ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ