Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:5 - Sindhi Bible

5 پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بعل جي گهر ۾ جيڪي ٿنڀ هئا سي هو ٻاهر ڪڍي آيا ۽ انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو هن ڌاريون قربانگاهون، ۽ مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون، ۽ ٿنڀ ڀڃائي ڪيرائي، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين؛


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


۽ جيڪو گابو هنن جوڙيو هو سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين، ۽ انهي کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ پکيڙيائين، ۽ اهو پاڻي بني اسرائيل کي پياريائين.


بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.


۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون.


اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو:


تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربانگاهہ جوڙين، تنهن جي آس پاس پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي يسيرہ نہ کوڙج.


نڪي پنهنجي لاءِ ڪو ٿنڀ کڙو ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا کي انهن کان نفرت آهي.


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


۽ مون اوهان جو گناهہ، يعني جيڪو گابو اوهان جوڙيو هو، تنهن کي کڻي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو، ۽ انهي کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم: ۽ انهي جي رک مون انهيءَ نهر ۾ کڻي اُڇلائي جا جبل مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ