Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:3 - Sindhi Bible

3 تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين انهن مان شاديون نہ ڪجو، نہ پنهنجيون ڌيئر هنن جي پٽن کي ڏجو، نڪي هنن جون ڌيئر پنهنجن پٽن لاءِ وٺجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.


هي انهن قومن جون هيون جن جي نسبت ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ اوهين هنن منجهہ نہ وڃجو، ۽ نہ هو اوهان منجهہ اچن: نہ تہ ضرور هو اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏي ڦيرائينديون: اُنهن سان سليمان محبت رکڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي نہ ڏجو، نڪي پنهنجن پٽن لاءِ هنن جون ڌيئرون وٺجو، ۽ نہ ڪڏهن هنن جي سلامتي ۽ هنن جو سک ڳولجو: تہ اوهين مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ زمين جي چڱي پيدائش کائو، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري اُها ڇڏي وڃو.


۽ اسين هن ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجون ڌيئون نہ ڏينداسين، ۽ نہ هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ وٺنداسين:


تڏهن هن جي ماءُ پيءُ هن کي چيو تہ تنهنجن ڀائرن جي ڌيئرن ۾، يا منهنجي سڄي قوم ۾، ڪا زال ڪانهي ڇا جو تون اڻ طهريلن فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟ ۽ سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ مون کي اُها وٺي ڏي؛ ڇالاءِ جو اُها مون کي پسند آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ