Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:26 - Sindhi Bible

26 ۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


ڏسو، اوهين ڪي ڪين آهيون ۽ اوهان جو ڪم بہ ڪي ڪين آهي: جيڪو اوهان کي پسند ٿو ڪري سو ڪراهت جهڙو آهي.


۽ هو اُتي ايندا ۽ سڀ ڪراهت جهڙيون شيون ۽ سڀ گندگيون اُتان ڪڍي ڇڏيندا.


ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ پاڻ کي مون کان ڌار ڪندو، ۽ پنهنجا بُت پنهنجي دل ۾ رکندو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکندو، ۽ نبيءَ وٽ منهنجي نسبت ۾ پڇا ڪرڻ ايندو؛ انهن کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس:


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.


تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟


۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ