Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:25 - Sindhi Bible

25 اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:25
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.


۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.


۽ جيڪو گابو هنن جوڙيو هو سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين، ۽ انهي کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ پکيڙيائين، ۽ اهو پاڻي بني اسرائيل کي پياريائين.


پر موسيٰ چيو تہ ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اُها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو، جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان اها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ هو اسان کي سنگسار نہ ڪندا ڇا؟


۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


ڏسو، اوهين ڪي ڪين آهيون ۽ اوهان جو ڪم بہ ڪي ڪين آهي: جيڪو اوهان کي پسند ٿو ڪري سو ڪراهت جهڙو آهي.


۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.


اوهين بتن ڏانهن متان ڦرو، نڪي پنهنجي لاءِ پلٽيل معبود جوڙيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.


۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو.


۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.


۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.


۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ