Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:23 - Sindhi Bible

23 پر خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪندو، ۽ انهن کي زبردست شڪست ڏيندو، جيسين ڪ اهي بلڪل نابود ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن هوندي بہ خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي اوهان جي حوالي ڪندو ۽ کين اهڙي تہ سخت گھمسان ۾ وجھندو جو اهي بلڪل نابود ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


انهي کان سواءِ خداوند جو هٿ انهن جي برخلاف هو، انهي لاءِ تہ انهن کي منزلگاهہ منجهان گم ڪري ڇڏي، تان جو هو مري کپي نابود ٿي وڃن.


جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن.


جيئن خداوند ٻين قومن کي اوهان جي اڳيان تباهہ ٿو ڪري، تيئن اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌڻ ڪري تباهہ ٿي ويندا؛ ڇالاءِ جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو.


تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.


اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي:


۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.


۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ