Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن بہ تون انهن کان متان ڊڄين: پر جيڪي خداوند تنهنجي خدا فرعون سان، ۽ ساري مصر سان ڪيو، سو ياد رکج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن بہ اوهين هنن کان نہ ڊڄجو، بلڪ اهو ياد ڪجو تہ خداوند اوهان جي خدا، فرعون ۽ سڀني مصرين سان ڇا ڇا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:18
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو: سندس معجزن ۽ وات جي فيصلن کي ياد رکو.


آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس.


آءٌ تنهنجن سڀني ڪمن تي ڌيان ڪندس، ۽ تنهنجي عملن تي غور ڪندس.


۽ اُهي ڪم ۽ معجزا جي هن انهن کي ڏيکاريا هئا، سي وساري ڇڏيائون.


۽ بنيمين جي قبيلي مان، رفوءَ جو پٽ فلتي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


ڏس، خداوند تنهنجي خدا اهو ملڪ تنهنجي اڳيان رکيو آهي: وڃي انهي کي قبضي ڪر، جيئن ڪ خداوند، تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا، توکي فرمايو آهي؛ ڊڄ نہ، نڪي دل لٿل ٿي.


تڏهن مون اوهان کي چيو، تہ ڊڄو نہ، نڪي انهن جو ڊپ ڪريو.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


۽ اسان اهي بلڪل برباد ڪري ڇڏيا، جيئن ڪ حسبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هوسين، يعني هرڪو آباد شهر، زالن ۽ ٻارن سميت، بلڪل برباد ڪري ڇڏيوسين.


جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن.


زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي حيران پريشان ٿيءُ: سڀ جنگي مرد پاڻ سان کڻ، اُٿ ۽ عئيءَ تي چڙهي وڃ: ڏس مون عئيءَ جو بادشاهہ، ۽ سندس قوم، ۽ سندس شهر، ۽ سندس زمين تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي:


۽ جدعون انهي کي چيو تہ اي منهنجا سائين، جيڪڏهن خداوند اسان سان هجي ها تہ پوءِ هي واقعا ڇو اسان تي ٿي گذرن؟ ۽ هن جا سڀ اُهي عجيب ڪم ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي چيو تہ خداوند اسان کي مصر مان هتي آندو. پر هاڻي خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ