Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:17 - Sindhi Bible

17 جي تنهنجي دل ۾ اهو خيال اچي، تہ هي قومون مون کان گهڻيون آهن؛ آءٌ هنن کي ڪيئن هڪالي سگهندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اهو خيال اچي تہ ’هي قومون اسان کان گھڻيون آهن، اسين هنن کي ڪيئن ڀڄائي ڪڍي سگھنداسين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:


تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟


۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.


۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي.


پر يسوع سندن دل جو اِهو خيال سهي ڪري هڪڙو ننڍو ٻار وٺي پنهنجي ڀر ۾ بيهاريو،


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


پر جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ اسان کي ڪيئن خبر پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن؟


۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي.


۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ