Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:13
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


تو هن جي چوڌاري، ۽ هن جي گهر جي چوڌاري، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سڀ جي چوڌاري، سڀ ڪنهن پاسي کان پناهہ جي لاءِ لوڙهو نہ ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، ۽ هن جو مال متاع زمين تي وڌي ويو آهي.


انهيءَ طرح خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان زيادہ برڪت واري ڪئي: ۽ هن وٽ چوڏهن هزار رڍون ۽ ڇهہ هزار اُٺ ۽ هڪ هزار جوڙا ڏاندن جا ۽ هڪ هزار گڏهيون ٿيون.


هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


۽ هو انهن کي برڪت ٿو ڏئي، تہ اهي گهڻو وڌندا وڃن؛ ۽ سندن ڍورن کي گهٽجڻ نٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو خداوند راست آهي؛ ۽ راستيءَ کي چاهي ٿو: سچار سندس منهن ڏسندا.


ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.


خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.


تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


شرير جو رستو خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي: پر هو انهيءَ سان محبت رکي ٿو جو سچائيءَ تي هلي ٿو.


۽ آءٌ اوهان تي مهر جي نظر ڪندس، ۽ اوهان کي ڦلدار ڪندس، ۽ اوهان کي وڌائيندس؛ ۽ اوهان سان پنهنجو عهد قائم ڪندس.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.


جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.


ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:


۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو.


۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.


خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ