Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هي ڳالهيون، جن جو آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي تنهنجيءَ دل ۾ قائم رهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هي ڳالهيون جن جو آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي اوهان کان ڪڏهن بہ نہ وسرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


ڇالاءِ جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي اڳيان هئا: ۽ هن جي قاعدن کان آءٌ اصل پري نہ ٿيس.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.


مون وفاداريءَ جي واٽ پسند ڪئي آهي: ۽ تنهنجن فيصلن کي پنهنجي سامهون رکيو اٿم.


تنهنجا حڪم مون کي منهنجن دشمنن کان وڌيڪ داناءُ ٿا بنائين؛ ڇو جو اهي هميشہ مون سان آهن.


هنجي خدا جي شريعت سندس دل ۾ آهي؛ هن جو پير ڪڏهن ڪين ترڪندو.


اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


پنهنجي سموريءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رک، ۽ پنهنجي سمجهہ تي ٽيڪ نہ ڏي:


انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ.


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


تنهنڪري منهنجون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۾، ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو؛ ۽ اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌجو، ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي طوق وانگر هجن.


تون اهي پنهنجي گهر جي سردرن تي، ۽ پنهنجن دروازن تي، لکي ڇڏج:


تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ