4 اي اسرائيل، ٻڌ: خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي:
4 ”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي.
پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.
تڏهن بادشاهہ حزقياہ جا نوڪر يسعياہ وٽ آيا.
انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.
۽ انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي انهن يهوداہ ۾ تعليم ڏني؛ ۽ هو يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ گهميا، ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون.
تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.
ڇالاءِ جو هن يعقوب ۾ هڪڙي شاهدي قائم ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۾ شريعت مقرر ڪئي اٿس، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايائين تہ اوهين پنهنجي اولاد کي اهي ڳالهيون سيکارجو.
ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين.
آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.
خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.
اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!
۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو.
هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر.
هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.
آئون ۽ پيءُ هڪ آهيون.
۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.
جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.
سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي.
بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.
ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.
تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا.