Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:2 - Sindhi Bible

2 ۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:2
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ هو جيترا ڏينهن رهندا اچن، اوترن ۾ توکان ڊڄندا رهن.


۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي.


مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.


آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.


ڇالاءِ جو منهنجي وسيلي تنهنجا ڏينهن وڌندا، ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ورهيہ زيادہ ٿيندا.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪجو، انهي کان ڊڄجو، ۽ انهي سان قائم رهجو،


بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين.


تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.


آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ مون حياتي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن: تنهنڪري تون حياتيءَ کي پسند ڪر، تہ تون ۽ تنهنجو اولاد جيئرا رهو:


انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.


خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي انهن جو ذڪر ڪندو رهج.


انهي لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند جو هٿ طاقت وارو آهي: ۽ اُهي خداوند اوهان جي خدا کان هميشہ ڊڄندا رهن.


۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ