Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:16 - Sindhi Bible

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائجو، جيئن اوهان کيس مساہ ۾ آزمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟


تڏهن يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ چيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا جي آزمائش نہ وٺج.“


يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“


نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ