Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:9 - Sindhi Bible

9 تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن سان خداوند عهدنامو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري فرمايائين تہ اوهين ٻين معبودن کان متان ڊڄو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو، ۽ نہ انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نہ انهن لاءِ قرباني چاڙهجو:


اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.


هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“


تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:


خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي.


تہ متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا زال جي صورت جي نموني جهڙي ڪا اُڪريل مورت جوڙيو،


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ڀسم ڪندڙ باهہ آهي، ۽ غيرت وارو خدا آهي.


ڇالاءِ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي، سو غيرت وارو خدا آهي؛ ۽ ائين نہ ٿئي جو خداوند تنهنجو خدا تو تي ڪاوڙجي، ۽ تو کي زمين جي سطح تان برباد ڪري ڇڏي.


۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ