7 مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
7 مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس.
تہ تو وٽ ڪو ٻيو معبود نہ هجي؛ نڪي تون ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪج.
مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“
تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.
اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛
اوهين ٻين معبودن جي، يعني جيڪي قومون اوهان جي آس پاس ٿيون رهن، تن جي معبودن جي پيروي نہ ڪجو؛
اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.