Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:5 - Sindhi Bible

5 (انهي وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺس، تہ اوهان کي خدا جو ڪلام سمجهايان: ڇالاءِ جو اوهين باهہ جي ڪري ڊنا ٿي، ۽ جبل تي ڪين چڙهيا؛) ۽ هن فرمايو تہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي ماڻهو اتان ڦري سدوم ڏانهن وڃڻ لڳا، پر ابرهام اڃا خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو،


هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.


تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.


۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ حدون اورانگهي ڏسڻ جي لاءِ خداوند وٽ نہ اچن، متان منجهانئن گهڻا مري وڃن.


سو موسيٰ هيٺ لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين.


۽ انهن جو سردار انهن منجهان ئي ٿيندو، ۽ انهن جو حاڪم سندن وچ مان ئي ٿيندو؛ ۽ آءٌ انهي کي ويجهو ڪوٺيندس ۽ هو مون کي نزديڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو ڪير آهي جو جرئت ڪري مون کي نزديڪ ٿيندو؟


۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو.


تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.


تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ