آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟
۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين.
اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.