Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:22 - Sindhi Bible

22 اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ قانون، ۽ قاعدا، ۽ شريعت، ۽ حڪم، جي هن اوهان جي لاءِ لکيا، تن جي اوهين هميشہ تعميل ڪندا رهجو؛ ۽ اوهين ٻين معبودن کان نہ ڊڄجو:


تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.


جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


ڪڏهن ڪنهن قوم تو وانگر باهہ جي وچ مان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيئري رهي آهي؟


هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن جبل باهہ سان پئي ٻريو، ۽ اوهان انڌڪار جي وچ مان اهو آواز ٻڌو، تڏهن اوهين مون وٽ آيا، يعني اوهانجن قبيلن جا رئيس، ۽ اوهان جا بزرگ؛


خداوند اوهان سان انهي جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو،


ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ